زنجير ٽٽي پوندا

زنجير ٽٽي پوندا

زنجير ٽٽي پوندا

زنجير ٽٽي پوندا (ڪتاب): هي شعري مجموعو نامياري شاعر غلام محمد غازيءَ جو آهي، جنهن ۾ سندس غزل، نظم، بيت، وايون،گيت ۽ ٽيڙو ڏنا ويا آهن. هن شعري مجموعي جو مهاڳ سنڌ جي قومي اڳواڻ ۽ دانشور عبدالواحد آريسر لکيو آهي. جڏهن ته هن ڪتاب ۾ عبدالحڪيم ارشد، خواجه ذوالفقار، هارون چنا، منٺار سولنگي، گوهر سنڌي، ارشاد مهر ۽ احسان لغاريءَ جا تاثرات به شامل ڪيا ويا آهن.
هي ڪتاب، سچائي اشاعت گهر، دڙي، ضلعي ٺٽي مان 2010ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جنهن جي قيمت 100 روپيا آهي. هن ڪتاب جي ارپنا سنڌ ڌرتيءَ لاءِ جاکوڙيندڙ عظيم انسانن کي ڪئي وئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو